عبدالغفور سيتائي

عبدالغفور سيتائي

عبدالغفور سيتائي

عبدالغفور سيتائي: سنڌ جي نامياري صحافي، ڪالم نويس ۽ ايڊيٽر عبدالغفور سيتائيءَ، 15 جنوري 1910ع تي ضلعي دادوءَ جي ڳوٺ بچو واهڻ ۾ گل محمد سولنگيءَ جي گهر ۾ جنم ورتو. هو هڪ غريب گهراڻي جو فرد هو، ابتدائي تعليم دادوءَ ۾ ورتائين ۽ پوءِ ڪراچيءَ جي علائقي کڏي مارڪيٽ ۾ هڪ قديم مدرسي ۾ معلم طور مقرر ٿيو. لکڻ پڙهڻ جي دلچسپيءَ سبب اڳتي هلي صحافت سان لاڳاپجي ويو. سندس قلم ۾ سچائي هئي، جنهنڪري صحافتي دنيا ۾ ڪامياب ٿيو، پر پوءِ به سندس مالي حالت ضعيف ئي رهي. هو ‘اصلاح’، ‘سنڌ زميندار’ ۽ ‘الوحيد’ جهڙين اخبارن جو ايڊيٽر رهيو. سندس دور سنڌي صحافت جو ترقي وارو دؤر هو ۽ ان ڏس ۾ هُن سنڌ جي معاملن تي آواز اٿاريو. هيءُ ورهاڱي کان اڳي توڙي پوءِ سنڌ جي نمائندگي ڪندو رهيو. هن ون يونٽ واري تحريڪ ۾ پڻ اهم ڪردار ادا ڪيو. وقت جي حاڪمن خلاف لکڻ تي کيس گرفتار ڪرائي جيل موڪليو ويو. کيس ڪيتريون ئي سزائون ڏنيون ويون، پر هن هار نه مڃي. سندس لکڻين جي ڪري اخبار ‘نواءِ سنڌ’ کي ڇپجڻ نه ڏنو ويو ۽ بعد ۾ مڪمل طور بند ڪيو ويو، پريس کي تالو لڳايو ويو. ون يونٽ جي خاتمي تائين هن جي به جدوجهد جاري رهي. هن 24 مئي 1981ع تي حيدرآباد ۾ وفات ڪئي.


لفظ عبدالغفور سيتائيھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1910.01.15  عيسوي

عبدالغفور سيتائيءَ، 15 جنوري 1910ع تي ضلعي دادوءَ جي ڳوٺ بچو واهڻ ۾ گل محمد سولنگيءَ جي گهر ۾ جنم ورتو.


1981.05.24  عيسوي

عبدالغفور سيتائي 24 مئي 1981ع تي حيدرآباد ۾ وفات ڪئي.



صحافي - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

دوست علي جيسر
حميد هارون
خير محمد کوکر
جعفر ميمڻ
ضمير نيازي
لائق سنڌي ٿيٻو
زيب النساءَ حميدالله
اخترعلي
صديقي الهورايو طارق
اسلم چنا
صحافي ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون